حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي: شاهه محمود قريشي

image
APP60-14 ISLAMABAD: October 14 - Foreign Minister Shah Mehmood Qureshi, Federal Minister for Food Security Fakhar Imam and Federal Minister for Industries and Productions Hammad Azhar jointly addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قيمتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وزيراعظم اقتصادي بهتريءَ لاءِ قدم نه کڻي ها ته سڄو ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ماضيءَ جا معاهدا قوم ڀوڳي رهي آهي پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪنداسين، جن کي نيب کان ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو انهن ٻيو رستو اختيار ڪيو، حڪومت معاشي بهتريءَ لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن بهتري ۾ وقت لڳندو. وفاقي وزير مخدوم سيد فخر امام، حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجي فرضن کان غافل نه آهي. هڪ طبقو ڊيمانڊ ۽ سپلاءِ ۾ فرق جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس