اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي ??هي?? آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي ??هي?? آهيون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئ??ن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئ??ن تي ڌيان نه ڏئي ??هي?? آهن، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائي ??هي?? آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.