اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته افغانست??ن جي اٺين صوبي تي طالبانن جي قبضي کانپوءِ افغانستان ۽ آمريڪي عوام کي افغانست??ن جي موجوده حڪمرانن جي سامهون سوال رکڻ گهرجي ته آخر افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالر زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايترا پئسا لڳڻ کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر ڇو وکري رهي آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانست??ن جي عوام غربت ۾ پيسجي رهي آهي پر افغانست??ن جا سياستدان ۽ جرنيل ارب پتي آهن، انهن سڀني جا ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا آهن، ڪرپشن ڪهڙي طرح ??ومن کي غرق ڪري ڇڏيندي آهي، افغانستان ??ن جو مثال آهي.