مالي -03 جون (اي پي پي ) مالديپ فلسطينين سان اظهار يڪجهتي ۽ غزه جنگ خلاف احتجاج اس??ائيل شهرين جو ملڪ ۾ داخلي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي . عرب نيوز موجب مالديپ جي صدارتي دفتر مان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ اس??ائيلي پاسپورٽ هولڊرز جي داخلي تي پابندي لاڳو ڪئي پئي وڃي بيان ۾ وڌيڪ چيو پيو وڃي ته ڪابينه اس??ائيلي شهرين جو ملڪ ۾ داخلي بابت قانون ۾ تبديلي جو فيصلو ڪي?? آهي صدارتي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر محمد معزو خصوصي نمائندا به مقرر ڪندا . خيال رهي ته مالديپ اس??ائيلي شهرين جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي تي 1990 ۾ هنئين هئي جيڪا 2010 ۾ هٽائي وئي هئي ۽ اس??ائيل سان تعلق معمول تي آڻڻ جو ڪم شرو?? ڪيو ويو. جڏهن ته اس??ائيل سان تعلق ۾ بهتري جي ڪوششون هن وقت ختم ٿي ويون جڏهن 2012 ۾ محمد ناشيد جي حڪومت ختم ڪئي وئي . غزه جنگ جي شروع ٿيڻ کان پوءِ اپوزيشن جماعتن ۽ حڪومتي اتحادي صدار تي اس??ائيلي شهرين جو ملڪ ۾ داخلا تي پابندي هڻڻ لاءِ دٻاءٌ وجهي رهيا هيا.