اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، اعليٰ عدالتن ۾ ايف بي آر سان لاڳاپيل التوا هيٺ پيل ڪيسن جي حوال?? سان اڳڀرائي، روانگي واپار ڪندڙن جي ٽيڪس ريفنڊز جي ادائيگين، ترڪمانستان افغانستان پاڪستان ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ اڳڀرائي، نان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي سلسلي ۾ قدمن ۽ ترقياتي منصوبن ۾ اڳڀرائي جو باقاعدگ?? سان جائزو وٺڻ جي لاء?? کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.