اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تعميرا??ي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏيڻ سان ٻين صنع??ن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان م??ن فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فڪسڊ ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميرا??ي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميرا??ي شعبي جي فعال ٿيڻ سان ٻين صنع??ن کي نئين زندگي ملندي جنهن م??ن هنرمند ۽ غيرهنرمند پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.