اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد ??و نه پر گڏجي ويهي ملڪ ??ان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وز??را??ظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي مشاورت سان اڳتي جي حڪمت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وز??را??ظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا ??ان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد ب??بت به فيصلا ڪرڻا آهن.