اسلام آباد – 10 مئي (??ي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خ??تمي لاءِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ضرورت جي حوالي سان جلد هڪ ٺوس حڪمت عمل?? جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ ن??ام تحت تحقيق، وائرس جي ڪنهن عل??ئق?? ۾ عدم موجودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات جي فراهم?? جو طريقيڪار شامل آهي. اين سي او س?? جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ٿيو.