ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سا?? پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر سيد علي زيدي ۽ خاص معاون ??اڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۾ عمر عماري، ڊاڪٽر سيد عمران علي شاهه، ارسلان تاج حسين، بلال احمد، سيد فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، جمال الدين صديقي، ڪريم بخش گبول، محمد علي عزيز، مير رمضان، شهزاد قريشي، ملڪ شهزاد اعواڻ، ربستان خان، سيد احمد، شاهه نواز جدون، محمد اسلم ابڙو، شهريار خان، عديل احمد، راجا اظهر خان، ڊاڪٽر گنجي گنگواڻي، ط??هره دعا ڀٽو، سدره عمران، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، رابيعه اظفر شامل هئا. اسيمبلي ميمبرن وز??راعظم کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ تازي بجيٽ تجويزن، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ تي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو.