اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پهرين وا??ار??ل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سم??ت وا??ار??ل وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سم??را ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سم??ت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آهي ۽ آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳالهائي رهيو آهيان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.