اسلام آباد – 14 ج??لاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي وڌائڻ جي ??دا??ت ڪندي چيو آهي ته م??جوده قانون ۾ ترميم ڪري محتسب جي اداري کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪن ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻائين، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.