اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنج?? گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري رهيا آهن، ??ار?? جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪار??وا??ون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ??ار??ي قدم غيرانساني فوج?? گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ??ار?? جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ار?? جي غيرانساني فوج?? گهيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??ار?? جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي پي آر ايس ايس جي نمائنده ??ار??ي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ??ار??ي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.