اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما دنيا ۾ پيش ڪرڻ، معياري مواد جي تياري، براڊ ڪاسٽنگ اوزارن جي درآمد سميت هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، فلم کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جون تجويزون وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيون وينديون. پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو فلمي صنعت جي ذريعي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ رڪاوٽن ختم ڪرڻ جو فورم آهي، پاڪستاني ڊراما، فلمون ۽ آرٽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هو اطلاعات ۽ نشريات واري و??ير جي اهتمام هيٺ پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو تحت سافٽ پ??ور جو فروغ ۽ پرڏيهي ناڻوحاصل ڪرڻ جي عنوان سان مشاورتي اجلاس کي خطاب ??ري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، ا??فارميشن ٽيڪنالاجي و??رو سيڪريٽري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن، فلم ايسوسيئيشن، جنگ ميڊيا گروپ، ا??ور ريزي پيڪيجز گروپ، ا??گزبيٽر گروپ، جي اي ا??م گروپ، ا?? آر وائي ميڊيا گروپ جي عهديدارن، پرڏيهي و??ارت، واپار، ادبي و??ثو، ا??ف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار شريڪ هئا.