اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر سان پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪارمون ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن مسلمان امت کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اس?? قيصر چيو ته پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، اخوت ۽ ثق??فت جي مضبوط بنيادن تي هم??ار آهن، پاڪستان مراڪش سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي فروغ ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.