فيصل آباد – 18 نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو اف??تاح ڪيو، وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو اف??تاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي ??نهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊس??بر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪشمير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊس??بر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي ??ساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به اف??تاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.