اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چا??ئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي وزيراعظم کي م??ارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽ??م جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا ??ور??ن وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي م??د لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.