اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي( گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 45 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 417 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 45 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 38 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي ??ريضن جي تناسب جي ??حاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙ?? ۽ ??هاولپور ۾ 55 سيڪڙ?? ۽ ??سلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي ??ثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حاظ کان پشاور ۾ 48 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙ?? ۽ ??اولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 359 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 9، پنجاب ۾ 14 هزار 710، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 163، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 568، گلگت بلتستان ۾ 390، آزاد ڪشمير ۾ 367 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 69 هزار 306 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ??اءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 169 آهي.