اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ??ه ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ به شريڪ هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ايوانن جي ايندڙ اجلاسن جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن موجب هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اجلاسن جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گ??يل ذميداري ??هي. عوامي مسئلن ??ي حل لاءِ عوام جون نظرون پارليامينٽ ڏ??نهن آهن. ايوان جي ڪارروائي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي سياسي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.