اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ مشهور سياسي شخصيت منير احمد خا?? پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت سڀئي مسئلا اڳوڻين حڪومتن ??ي لُٽ مار ۽ ڪرپشن جي ڪري آهي، هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو مشن آهي، ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم ??يڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم جي قيادت تي م??مل اعتماد جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وزير خسرو بختيار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد به موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ??نير احمد خان کي پارٽي ۾ خوش آمديد چوندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ سميت سڀني مسئلن جو سبب اڳوڻين حڪومت پاران ڪيل لُٽ مار ۽ ڪرپشن آهي، منهنجو مشن هر طرح جي ڪرپشن جو خاتمو آهي ۽ ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي نرمي ۽ ٺاهه نه ڪيو ويندو. ملاقات ۾ منير احمد خان وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي م??مل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي تقدير ۽ مستقبل وزيراعظم عمران خان جي مث??لي قيادت جي هٿن ۾ هئڻ سان محفوظ ۽ روشن آهي.