اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ شه??ين کي عالمي معيار جون رهائشي سهولتون ميس?? اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي راوي سٽي تحت سيفائر- بي منصوبي تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2000 هزا?? ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي مان حڪومت کي وصول ٿيندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو 25 ارب روپيا لڳايو و??و آهي، ان کانسواءِ منصوبو مجموعي طور تي 150 ارب روپين جي معاشي سرگرمين ک?? جنم ڏيندو. راوي سٽي جا وڌيڪ 2 ذيلي منصوبا جن ۾ زون 457 ۽ ايل پي – جزيرو شامل آهن، جلد سيڙپڪاري لاءِ ميسر هوندا. جنهن سان حڪومت کي ملندڙ روينيو ۽ آمدني جو ڪاٿو مجموعي طور تي 130 ارب روپيا لڳايو و??و آهي ۽ اهو گڏجي 750 کان 900 ارب روپين جي معاشي سرگرمين جو حصو بڻجندو اهڙي طرح سان راوي سٽي تي 15 هزا?? ايڪڙ تي شروع ٿيندڙ ڪم جي نتيجي ۾ هلندڙ سال ڊسمبر تائين مجموعي طور تي هزار ارب روپين جون معاشي سرگرميون ٿينديون جيڪي ملڪ ۾ روزگار جا بي شمار موقعا فراهم ڪنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? تازو ئي ملڪ جي سڀني وڏين يونيورسٽين کان ان جي راوي سٽي ۾ ڪيمپس کولڻ جي سلسلي ۾ رابطا ڪيا ويا جنهن جا مثبت جواب اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان کانسواءِ سوئيس ڪمپني ليونگ – اسٽون گ??ين – ٽيڪ سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جيڪي زون ٿري ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي سان عالمي معيار جا فارم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا. اهي قدم وڌندڙ ملڪي غذائي ضرورتن ک?? نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ نوجوانن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ينگ ليڊرشپ پروگرام جاري ڪيو ويو جنهن سان هن وقت تائين 25 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن، هلندڙ سال جون کان نوجوانن جي په??ين کيپ باقاعده ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيندي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ان جي په??ين سب – فيز ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن، ان کانسواءِ ريلوي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي گڏجي ريلوي جي زمين تي تعميراتي منصوبي کي جاري ڪندو، جنهن سان ريلوي جي غير استعمال ٿيل زمين ک?? استعمال ۾ آندو ويندو.