اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي همدردي ۽ تحقيق ۽ ثبوتن تي ٻڌل طب تي مشتمل علاج تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر غريب ۽ دکي ان??ان??ت جي علاج لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻين، بيمارين جي اڳواٽ بچاءُ جي حڪمت عملي اختيار ڪڻي پوندي، حڪومت ??ور??نا وبا جي مقابلي سميت ملڪي معيشت کي سنڀاليو، وزيراعظم عمران خان ??ور??نا وبا جي دوران هر قدم ۾ غريبن جو خيال رکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سوسائيٽي آف انٽرنل ميڊيسن جي اهتمام هيٺ تحقيق تي ٻڌل علاج اختيار ڪرڻ جي موضوع تي ٻي سالياني ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ثبوتن تي ٻڌل طب جي ذريعي مريضن جو علاج ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، هن چيوته صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ ??ور??نا ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ ويڪسينيشن ڪرائڻ کان لهرايو ويندو آهي، ان ڏس ۾ مختلف ملڪن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، هن چيو ته حڪومت ??ور??نا وبا دوران غريب طبقي جو خاص خيال رکيو، وزيراعظم عمران خان ان دوران هر قدم ۾ غريب طبقي تي ڌيان ڌنو، پاڪستان ??ور??نا وبا دوران ايس او پيز جي سان مسجدن کي کليو رکيو جنهن تي الله جي رحمت ٿي ۽ اسان ??ور??نا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين، ??ور??نا وبا جي دوران مسجدن جي ذريعي ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو، هن چيو ته اسان 2000ع ۾ 8 لک ماڻهن جي ڏندن جي صفائي بابت آگاهي پيدا ڪئي، ان آگاهي مهم ۾ مسجدن جي ذريعي شعور اجاگر ڪيو ويو، مسواڪ جي حوالي سان 22 حديثون آهن، جيڪڏهن ماڻهو ڏندن کي صحيح صاف ڪري وٺن ته ڏندن جون بيماريون ختم ٿي وينديون، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??ور??نا وبا جي دوران همدردي جو احساس پيدا ??يو?? قوم بيروزگاري ۽ مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نه ڪري سگهي ٿي، ??ور??نا وبا دوران اين سي او سي موثر ڪردار ادا ??يو?? اين سي او سي تحقيق تي ٻڌل منصوبابندي ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو، عالم سڳورن مسجدن جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??يو?? هن چيو ته اها ليڊرشپ آهي جيڪا درست فيصلا ڪندي آهي، ??ور??نا وبا دوران معيشت نه رڳو مستحڪم رهي پر ترقي جي راهه تي گامزن ٿي، ??ور??نا باوجود ننڍي ۽ وڏي ڪاروبار?? ترقي ڪئي، ??ور??نا وبا کي موقعن ۾ تبديل ڪري معاشي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ ??ور??نا ويڪسين تي تحقيق قابل تعريف آهي، تنهن هوندي به مارڪيٽ جي ضروتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ان تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته چين پنهنجي ماڻهن نه رڳو غربت مان ڪڍيو پر ترقي ڪري سپر پاور بڻجي ويو جنهن جو سبب اهو هو ته چين صحت ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته امير ماڻهو کي بيماري ۽ صحت بابت سهولتن ۽ رهنمائي آ??ان?? سان ملي ويندي آهي تنهن هوندي به غريب ماڻهو کي مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ ان جي سڄي زندگي جي جمع پونجي علاج تي خرچ ٿي ويندي آهي، ڊاڪٽرن کي غريب ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان همدردي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته ??ور??نا بابت موبائيل فون جي ذريعي آگاهي پيدا ڪئي وئي، انهي طرح عوام کي علاج جي سهولتن ۾ آ??ان?? جي لاءِ ٽيلي ميڊيسن جو پروگرام شروع ڪرڻ گهرجي، هر پاڪستاني کي ٽيلي فون جي ذرعي علاج جي مشورن جي سهولت دستياب هجڻ گهرجي، هن چيو ته مصر هيپاٽائيٽس تي ضابطو آندو انهي وانگر پاڪستان ۾ به ان موذي مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ميڊيسن جي شعبي ۾ جدت تي ٻڌل تبديليون تيزي سان ظاهر ٿي رهيون آهن اسان کي ان شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته مصنوعي دانش ۽ ڊيٽا ڪليڪشن انتهائي اهم آهي، ڊيٽا جي تجزئي جي ذريعي منصوبابندي ۾ آ??ان?? پيدا ٿيندي، ڊيٽا جي تجزيي جي صلاحيت جي ضرورت آهي، تربيت ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڊاڪٽرن کي همدردي کي نه وسارڻ گهرجي ۽ اها دوا کان وڌيڪ موثر علاج آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ڊاڪٽر ٻاهرين ملڪ ويندا هئا پر هاڻي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته انهن کي ملڪ اندر سموريون سهولتون دستياب هجن ته جيئن هو ٻاهرين ملڪ وڃڻ بدران ملڪ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين، هن چيو ته پاڪستاني ذهانت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن، هن چيو ته قومي ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهم آهي، هن ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن جيڪي قومون پنهنجون ذميداريون پوريون ڪنديون آهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري وينديون آهن.