اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس م??ن جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم سردار عب??القيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪش??ير جي مجموعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تع??ير ۽ ??رق?? جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سردار عب??القيوم نيازي کي آزاد ڪش??ير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم عب??القيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام جي مسئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي مسئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ا?? موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.