اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ??رڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عو??مي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ??ي تج??يز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ ??ي تج??يز ڏني هئي جڏهن ته وزيراعظم تج??يز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عو??م تي منتقل ??رڻ بدران عو??م جي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تج??يز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عو??م تي پوندڙ بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.