اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي جي فروغ لاءِ جامع ڪوششن تي زور ڏيندي سمورين ڌري?? کي چيو آهي ته هو آبادي بابت ايڪشن پلان تحت مقرر هدف?? کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ملڪ ۾ آبادي ۾ خطرناڪ اضافي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي پنجين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، سنڌ جي ??حت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو، ??نج??ب جي آبادي واري وزير ڪرنل (ر) هاشم ڊوگر، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، ??نج??ب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته ??نج??ب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ جي صوبائي چيف سيڪريٽرين، ڪنٽري ڊائريڪٽر پاپوليشن ڪائونسل اسلام آباد ڊاڪٽر سبينه دراني ۽ يو اين ايف پي اي جي ڪنٽري ري پريزنٽو ڊاڪٽر زيبا ستار، ٽيڪنيڪل ماهرن، ??فاقي ۽ صوبائي عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي ??حت واري وزارت آبادي بابت فيڊرل ٽاسڪ فورس جي چوٿين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتون وڌيڪ فنڊز مختص ڪري رهيون آهن، ??يڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪري رهيون آهن ۽ آبادي تي ضابطو آڻڻ ۽ خانداني منصوبابندي لاءِ انساني وسيل?? کي تربيت فراهم ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو يو ته عالم سڳورن، خطيبن ۽ مذهبي اڳواڻ?? کي خاص طور تي ??نج??ب صوبي ۾ پنهنجي خطبن ۾ ??حت مند خاندان جي فروغ لاءِ حصيدار بڻايو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالم سڳورا پنهنجي جمعي جي خطبن ۽ ميڊيا پنهنجي ٽاڪ شوز ۾ خانداني منصوبابندي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن صوبائي حڪومت?? کي جامع سوچ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هو خانداني منصوبابندي جي باري ۾ پنهنجي حڪمت بابت پنهنجي مهارتن، تحقيق ۽ تجربن کان هڪ ٻي کي آگاهه ڪن، ??ن عالمي ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي قومي ??حت واري وزارت ۽ يو اين ايف پي اي جي واکاڻ ڪئي.