اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي تعاون ??نظيم (او آءِ سي) جو غير معمولي اج??اس ٿيڻ خوش آئنده آهي، اهو پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو مثال آهي، مئلن جي ووٽن سان گڏوگڏ ن ليگ انهن جي نالن تي جعلي اڪائونٽس به ٺاهيندي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جو ملڪ او آءِ سي جي غير معمولي اج??اس جو ميزبان آهي، هن چيو ته اهو غير معمولي اج??اس افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، فرخ حبيب چيو ته او آءِ سي جو غير معمولي اج??اس جا مثبت نتيجا سامهون ??يندا. پاڪستان ۾ 40 سالن کانپوءِ او آءِ سي جو اج??اس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته او آءِ سي اج??اس جو پاڪستان ۾ ٿيڻ اسان جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. اج??اس ۾ سڄي دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جو ميڊيا بابت خاص مدگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا.