اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ها??وسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها 88 هزار ها??وسنگ يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن وڌيڪ نوان منصوبا شروع ڪري عوام کي آساني سان پنهنجو گهر ملي سگهي، ڪورونا جي دوران تعميراتي شعبو بند نه ڪرڻ سان 30 کان وڌيڪ صنعتن کي فائدو ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي معاشي واڌويجهه 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي، حڪومتي قدمن سان ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي فصلن جي رڪارڊ قيمت ملي. هو پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي آفيسرز ريزيڊنشيا ۽ پي ايڇ اي اپارٽمينتس آئي – 16 ٿري اسلام آباد جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان چي?? ته پاڪستان ۾ گهرن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته پاڪستان ۾ بئنڪون ماضي ۾ گهرن جي لاءِ قرض نه ڏينديون هيون، ان جو هڪ سبب فور ڪلوزر لاء هو، جنهن وٽ ڪيش نه آهي ته اهو گهر خريد نه ڪري سگهندو هو، ان وٽ بئنڪ کانسواءِ ٻيو ڪو ذريعو نه هو، اسان اڍائي سالن جي محنت سان فور ڪلوزر لاء عدالتن مان پاس ڪرايو، پوءِ بئنڪ سان گڏ ويهي انهن کي عام ماڻهن کي قرض جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي عملي جي تربيت جو چيو، هاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 124 ارب رپين جي قرض جي لاءِ بئنڪ کي 8 مهينن ۾ درخواستون مليون آهن جن مان 40 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ ان قرض تي رعايتون ڏئي رهي آهي، پگهاردار طبقو هاڻي ڪرائي بدران قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چي?? ته اسان بئنڪن سان گڏجي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، يورپ سميت دنيا جي ترقياتي ملڪن ۾ مارگيج 80 سيڪڙو آهي جڏهن ته اسان وٽ هو 2 سيڪڙو کان به گهٽ هو. وزيراعظم چي?? ته ها??وسنگ واري وزارت پاران اپارٽمينٽس جي تعمير جو بهتر قدم کنيو و??و آهي، 88 هزار يونٽس هن وقت ٺهي رهيا اهن جن مان اڪثر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندا. وزيراعظم چي?? ته تعميرات جو شعبو اهڙي صنعت آهي جيڪو سڄي ملڪ جي صنعتن کي اٿاري ٿو، 30 صنعتون سڌوسنئون ان سان واڳيل آهن، معيشت کي سڀ کان وڌيڪ مٿي اٿاريندڙ شعبو تعميرات جو آهي، ڪروونا ۾ تعميرات جي شعبي کي بند نه ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيمنٽ ۽ سريي جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، ان جون قيمتون ڪورونا جي ڪري وڌڻ جي باوجود تعميراتي شعبو مٿي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته ڪورونا جي دور ۾ تيزي سان معيشت اڳتي وڌي رهي آهي، واڌويجهه جي شرح 4.37 سيڪڙو تي آهي. وزيراعظم چي?? ته مهانگائي سان پگهاردار طبقو مشڪل ۾ ضرور آهي پر پورهيت جي پگهار ۾ 40 کان 60 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو، ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي فصل جي رڪارڊ قيمت ملي، ڪورونا جي باوجود ورلڊ بئنڪ جا 4 اشاريه غربت جي گهٽتائي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان مشڪل هالتن ۾ به پنهنجي تعميراتي شعبي کي بند ٿيڻ نه ڏنو، ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن جي مدد ڪئي، برآمدي صنعت جي مدد ڪئي جنهن سان روانگي واپار رڪارڊ ٿيو، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون. هن چي?? ته پاڪستان جو مستقبل صحيح رخ ي هلي پيو آهي، بلومبرگ ايندڙ 10 سالن جي لاءِ پاڪستان جي معيشت کي صحيح رستي تي قرار ڏنو آهي، ان سان معاشي حالتون بهتر ٿينديون وينديون. وزيراعظم چي?? ته ڪري روڊ جو منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو و??و، ان کانسواءِ آئي اليون ۾ 1550 اپارٽمينٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. هن ها??وسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها 88 هزار يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن نوان منصوبا شروع ڪري ماڻهن کي پنهنجو گهر آساني سان وٺڻ ۾ مدد ملي سگهي. واضح رهي ته پاڪستان ها??وسنگ اٿارتي آفيسرز ريزيڊنشيا جو بنياد 2008ع ۾ رکيو هو جڏهن ته 2016ع تائين ان منصوبي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي، 2017ع ۾ اهو منصوبو سستي جو شڪار ٿيو، موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو و??و.