اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فو??سز تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته باقي بچيل چند دهشتگردن جون اهي بزدلاڻيون ڪارروايون آهن، کين ڪٿي به لڪڻ نه ڏينداسين. مملڪتي وزير چيو ته سيڪيورٽي فو??سز ملڪ جي هر حصي مان د??شتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، شهيد اسان جا هيرو آهن انهن جو خون رائيگان نه ويندو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فو??سز جي شهيدن جي بلند درجن ??اءِ دعاڳو آهيون.