اسلام آباد – 02 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ڏسي ٿو ۽ سندس چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ ۾ مددگار ??ابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي ??وا??ي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستا?? ۽ ??ين جي وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، وا??ار واري صلاحڪار ??بدالرزاق دائود، مملڪتي وزير فرخ حبيب، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، خاص معاون شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.