بيجنگ– 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقاف?? ۽ ??اريخ جي بنياد تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق ۽ افغانستان ايمبيسڊر لاءِ خصوصي نمائندو محمد صادق به موجود هو. ان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ تازو ئي ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل لاءِ 48 هين اجلاس ۾ پاڪستان پاران تجويز ڪيل ”ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي بابت قرارداد“ تي حمايت لاءِ ٿورو ادا ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان او اءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت کي خصوصي مبارڪباد پيش ڪئي، پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقاف?? ۽ ??اريخ جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي لاڳاپن جي مٽاسٽا جي استحڪام جو مظهر آهي، ڪشمير جي مسئلي تي مسلسل ۽ غير متزلزل حمايت تي ايران جي قيادت جو ٿورائتو آهيان، پ??ڪستان ايران سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ واپاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پ??ڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 21 هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جي جلد انعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو، پ??ڏيهي وزير ايراني هم منصب کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان مندپشين سرحدي منڊين جي تعمير مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو، شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ ميڪنزم جي ئي ترسيل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو، پ??ڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي ايران جي مختلف جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي جلد آزادي جو مع??ملو کنيو، پ??ڏيهي وزير هر سال ايران ايندڙ 50 لک کان وڌيڪ پاڪستاني زائرين جي خصوصي سارسنڀال ڪرڻ ۽ ميرجاوها ۾ زائرين هائوس جي تعمير ڪرڻ تي ايراني هم منصب جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ايراني پرڏيهي وزير سان پاڪستاني ايمبيسي انٽرنيشنل اسڪول تهران جي لاءِ زمين مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي، همدرداڻو غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي قيادت ?? عوام ايراني صدر رئيسي جي جلد پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي مع??مل?? تي مشاورت لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.