اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن صوبائ?? اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي آچر ڏينهن پنجاب ۾ وزارت اعليٰ جي چونڊ ۾ چوڌري پرويز الاهي کي ووٽ ڏيڻ کي يقي??ي بڻائين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته راءِ شماري مان غيرحاضر رهڻ يا پارٽي هدايتن جي خلاف ووٽ وجه??دڙ ميمبرن کي سخت انضباطي ڪارروائي کي ??نه?? ڏيڻو پوندو ۽ ان کي نااهل قرار ڏنو ويندو.