اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي دادو ضلعي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ ج?? واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پ??نئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پ??ش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ ج?? هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي پ??نئيرن جي ڏک ۾ پوري قو?? برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ ج?? مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذ??يوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.