اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا??ان ڊيرلين ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. يورپي ڪميشن جي صدر وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪميشن جي پاڪستان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مبارڪباد تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي ??مام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن ۽ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي اهميت کي ??جاگر ڪيو. هن جي ايس پي پلس انتظامن کي ??اراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ گڏيل فائديمند اسڪيم هجڻ جي ناطي ان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم ارسلا??ان ڊيرليين جي يورپي يونين ڪميشن جي خدمتن کي ??اراهيو ۽ گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف يورپي ڪميشن جي صدر کي ??وري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي ??گهه ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي ??يز ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.