گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گو??در جي شهرين کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گو??در ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي ويندي ته مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماه??ير?? کي نيشنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهي??ير?? کي مرحليوار ٻيڙين جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهي??ير?? کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزي?? ۽ ??نصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گو??در جو دورو ڪندو ۽ ماهي??ير?? جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجو?? هئا.