لاهور – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ صنعتي ۽ درآمدي شعبي جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪ??ي سگهجي ٿو، رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئ?? برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ معاون انڊسٽريل ۽ برآمدي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انرجي ڊويزن واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌ??ي سالڪ حسين، ڪامرس واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، انڊسٽريز واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ ??حمود، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، قانون واري صوبائي وزير ملڪ احمد خان، لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن ۽ تيڪسٽائيل سيڪٽر جي ناليوارين ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊسٽريل ۽ خاص طور تي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي انرجي سپلائي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ بزنس مين ج?? نمائنده گروپ کي لاڳاپيل وزيرن سان فوري طور تي ملاقات ۾ مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي مسئلن جي جامع ۽ موزون قدمن ذريعي فوري حل ۾ پاڪستان جي معاشي بقاءَ لڪل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاشي طور تي غيرمعمولي صورتحال ۾ انڊسٽريل ۽ برآمدي سيڪٽر جي هر ممڪن مدد سان ئي پاڪستان جي برآمدي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر طور پيش ڪ??ي سگهجي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف رڳو گئس تي هلندڙ ڪارخانن جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ جي پاليسي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي ته جيئ?? برآمدات جي پيداواري پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي.