اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عمران خان جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي ??ستعيفيٰ ڏي، عمران خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڪوڙو ۽ ج??لساز آهي، ان تي ??ليڪشن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمران خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪ??تر?? ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چيو ته عمران خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمران خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ ج??لي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمران خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ ج??لسازي ڪئي. عمران خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چيو ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز ??اخل ڪيون. هن چيو ته عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ??ملدرآمد ڪندي. هن چيو ته عمران خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي ??ملا ڪري رهيو آهي.