اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي من??ور?? ڏئي ڇڏي. صدر من??ور?? آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏني ويندي. صدر جي من??ور?? کانپوءِ ا??و بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا مارفين جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ??وهه تي 20 سال کان وڌيڪ قيد ۽ 10 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ??وهه ۾ سزا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ??نڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ??وهه ۾ سزا موت يا 20 سالن کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ??وهن تي سزائي موت يا 25 لک رپين کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، تعلي??ي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.