اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي ج??هن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجلي جي فراهم?? شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن ??ه بحال ڪئي وئي آهي ج??هن کانپوءِ علائقي جي 132 ڪي وي جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي ج??هن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿين??ي. ??اضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس ??وز??ني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.