ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دوري جي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حض??ت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ ??و. ??زيرا??ظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيرا??ظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ??لا??ات ڪندو. بعد ۾ وزيرا??ظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ??لا??ات ڪندو. وزيرا??ظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ??لا??ات ڪندو. ان کانپوءِ وزيرا??ظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپوءِ وزيرا??ظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ??لا??ات ڪندو.