اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال ملڪ چيو آهي ته والاريل ??شمير جو درد پاڪستان جو درد آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير ٻه جسم هڪ جان وانگر آهن، فاشسٽ ڀارت والاريل ??شمير ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل پابندي لڳائي رکي آهي جتي صحافين جو قتلام جاري آهي. اهڙ?? خي??لن جو اظهار هن پنجاب آرٽس ڪائونسل ۾ ڪاري ڏينهن جي حوالي سان تصويري نمائش ۽ واڪ جي قيادت دوران ڪيو. مشعال ملڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته والاريل واديءَ ۾ قابض ڀارت ڪشميرين جي لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. قابض ڀارت والاريل ??شمير ۾ مسلسل جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ۾ ملوث آهي. آخر ۾ سندس چوڻ هو ته پنجاب آرٽس ڪائونسل سدائين والاريل ??شمير جي اصل تصوير دنيا آڏو رکي آهي. ناهيد منظور جو چوڻ هو ته 75 سال اڳ ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. ڀارت جي ظلمن جو هڪ ڪارو باب آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ظلم جي اونداهي هڪ ڏينهن ضرور ختم ٿيندي ۽ آزادي جو سج ضرور اڀرندو.