اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغان عبوري حڪومت جي ??رڏيهي وزير امير خا?? متقي سان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سي??سي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تعليم، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ سماجي، اقتصادي منصوبن سميت گڏيل دلچسپي جي ??طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.