منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگاواٽ مان وڌي 1310 ميگاواٽ ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي ??ٽڪ?? 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي طور تي 483 ملين ڊالر جي لاڳت سان جا??ي ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 ملين ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 ملين ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ ج??رل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.