??يو??ارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو??ارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي ??با??ين کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بح??ان، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حم??يت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.