اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ملڪ کي پراجيڪٽ عمران کان پاڪ ڪرڻ آهي، ملڪ کي سڀ کان وڏي فارن ايجنٽ، فتني ۽ مافيا کان ڇوٽڪارو ڏياريو، سدائين ملڪ ۽ معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي، عمران پراجيڪٽ ملڪ کي معاشي ڏيوالپڻي طرف ڌڪيو، اڄ ملڪ ۾ م??ان??ائي، معاشي تباهي ۽ سياسي عدم استحڪام عمران پراجيڪٽ جي ڪري آهي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ ملڪ کي تاريخي معاشي استحڪام ۽ عوام کي سستي ماني، کنڊ، اٽو، بجلي، گئس، پيٽرول، نوجوانن کي روزگار، ملڪ کي ترقي، سي پيڪ، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ۽ دهشتگردي کان پاڪ پاڪستان ڏئي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) ملڪ کي تاريخي 6.2 سيڪڙو تي رکي ۽ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪري ڏئي وئي هئي. هن چيو ته 4 سالن ۾ عمران پراجيڪٽ ملڪ جو معاشي ڏيوالپڻو ڪيو، نوجوانن کي بيروزگار ڪيو، ملڪ کي دهشتگردي ڏني، ترقي روڪي ڇڏي. وفاقي وزير چيو ته عمران پراجيڪٽ 4 سالا عوام کي غربت، م??ان??ائي جي چڪيءَ ۾ پيسڻ، اٽو، کنڊ، داليون ۽ تيل م??ان??و ڪيو، اڄ ملڪ ۾ ماني م??ان??ي آهي ته عمران پراجيڪٽ جي ڪري اڄ سخت شرطن وا??و آءِ ايم ايف جو پروگرام عمران پراجيڪٽ جو عوام کي ڏنل تحفو آهي، 4 سال عمران فارن فنڊيڊ پراجيڪٽ ملڪ جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪري عالمي سطح تي اڪيلو ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ م??ان??ي بجلي ۽ گئس عمران پراجيڪٽ جي ڪري آهي، 4 سال تباهي مچائي م??ان??ائي جو طوفان آڻي اڄ اليڪشن اليڪشن جي رٽ لڳائي ويو هوندو. عمران خان 2018ع ۾ ملڪ تي مڙهڻ وا??ي اليڪشن جي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، اليڪشن وڙهي نه ٿو سگهي.