اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٿاڻي مڪڙوال ميانوالي ۾ دهشتگرد حملو ناڪام ب??ائڻ تي پن??اب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پن??اب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جو جذبو ۽ ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏي وزير شهباز شريف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پن??اب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي ج??يد هٿيار ۽ تربيت سان موثر فورس بڻايو. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي ج??يد هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ تربيت سان وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته قوم کي پنهنجي فورسز تي فخر آهي. دهشتگردي جي خلا?? آفيسرن ۽ جوانن جي ج??بي کي سلام پيش ڪريون ٿا.