بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ??اد??شتن تي صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ??اد??شت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ??اد??شت تي صحيحون ڪيون ويون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دورا?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.