اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شه??از شريف کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪر?? يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پارا?? همدرديءَ جو پيغام پهچايو. صدر رجب طيب اردوان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم م??مد شه??از شريف چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ صدر ۽ ترڪ عوام جي جذبن کي قدر جي ن??اهه سان ڏسي ٿي.