اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تع??ون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري ل??ڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي ل??ڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ڪوريا سي??سي?? اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تع??ون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي ل??ءِ سمورن ??صي??ارن کي ڀليڪار چو?? ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تع??ون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌمت جي جاين جي سير ڪرڻ جي ل??ءِ ڀليڪار چو??دو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي ل??ءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري ??صي??ار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري ل??ڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سارڪ جي بحالي ل??ءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غربت جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تع??ون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تع??ون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.