ٽوڪيو-02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني ڄاون ۽ ذڪر جوڳن جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان پاڪستان سان سيڙپڪاري ۽ واپار جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جاپان ?? پاڪستان جي متحرڪ پاڪستاني ڄاون کي ٻنهي ملڪن وچ ?? پاڪستان لاڳاپن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪ??دي ڏسڻ ??نه??جي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. اڄ ??نه??جي ان جي ڪجهه نمائندن سان ملاقات ٿي ۽ جاپان سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن خاص طو?? تي ڪاروبار واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جاپان جي پنهنجي دوري دوران مون هڪ آجياڻي ۾ ذڪر جوڳين جاپاني ڪمپنين جي ايگزيڪيٽوز سان پڻ ڳالهيون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته ??نه??جي لاءِ اها ڳالهه حوصلي واري آهي ته هو ايگزيڪيٽوز پاڪستان ۽ جاپان جي واپار، زراعت، ٽيڪنالاجي، ??عل??م، هنرمند افرادي قوت، ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ صاف توانائي سميت ٻين شعبن ۾ موجود گنجائش ۽ سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن. پرڏيهي وزير جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) ۽ جاپان ايڪسٽرنل ٽريد آرگنائيزيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ملاقاتن ۾ آصفه ڀٽو پڻ موجود هئي.