اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن ج?? ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن ک?? ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزير??عظ?? آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن ج?? ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽر??چر ۽ ٻين شعبن ج?? ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزير??عظ?? ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزير??عظ?? يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن ک?? ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن ج?? ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن ج?? ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن ک?? ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ج?? ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزير??عظ?? سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزير??عظ?? سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.