اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل عالمي خاموشي سا?? حوصلو وٺي ۽ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ ک??نس??اءِ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اهو بنا ڪنهن شڪ ۽ عملي طور تي جنگي ڏوهه آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنين پناهگير ڪئمپ ۾ اسرائيلي فضائي ۽ زميني ڪاررواين جي نتيجي ۾ 5 ٻارن سميت 12 فلسطينين جي شهادت دنيا لاءِ شايد رڳو انگ اکر هجن، پر ا??ي ماڻهو گوشت ۽ رت سا?? ٺه??ل انسان آهن، جن کي پنهنجي بنيادي حق جو مطالبو ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فضائي حملن سا?? هزارين پناهه وٺندڙن جي ڪئمپ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيڻ جا منظر عالمي ض??ير کي جنجهوڙيندا رهندا.